سڪندريه لائبرري

سڪندريه لائبرري: سڪندريه لائبرري تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر جي ڳوٺ واوڙي اولڊ ۾ موجود آهي، جيڪا 11 نومبر 1973ع تي حافظ سخي مهراڻ قائم ڪئي، جنهن ۾ حديث، سيرت سان گڏ مذهبي، تاريخي ۽ ادبي ڪتابن جو وڏو تعداد موجود آهي. هن لائبرريءَ ۾ مخدوم عبدالله منڌريرح جو قلمي ڪتاب ’خزانة الابرار‘ (1189هه/1775ع) ميان محمد قاسم ڪالروءَ جو هٿ اکر قلمي ڪتاب ۽ طب اڪبريءَ جو حڪيم مولانا محمد عمر شڪارپوريءَ جي سنڌي ترجمي جو قلمي ڪتاب پڻ موجود آهي.


لفظ سڪندريه لائبرريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو